ڏيرو محمد موسيٰ

ڏيرو، محمد موسيٰ: نامور سگهڙ، شاعر ۽ سماج سڌارڪ فقير محمد موسيٰ ڏيري جو جنم 1910ع ڌاري ڳوٺ ملدسي تعلقي شهدادپور ۾ ٿيو. ديني تعليم ۽ سنڌي فائنل پاس ڪرڻ بعد پنهنجو اباڻو پيشو زمينداري اختيار ڪيائين. کيس ننڍي هوندي کان ئي سگهڙن جون ڪچهريون ٻڌڻ جو شوق هوندو هو. سندس ملاقات وقت جي مشهور سگهڙ ٻيڙي فقير ۽ مشهور شاعر محمود شيخ سان ٿي، جن جي صحبت ۾ رهي سندس شاعريءَ طرف لاڙو وڌيو. جنهن کانپوءِ پاڻ به ڏور بيت چوڻ لڳو ۽ سندس شمار به سٺن شاعرن ۽ سگهڙن ۾ ٿيڻ لڳو. سندس ڏور بيت ۽ شاعري اڄ تائين محفلن ۾ چئي ويندي آهي. هن پنهنجي ڳوٺ جي ماڻهن لاءِ ڪيترائي سماجي ڪم ڪيا، جن ۾ پاڻيءَ جا کوهه کوٽايائين، پاڻي جي نيڪالي لاءِ ناليون به پنهنجي خرچ تي ٺهرايائين. هن 14 مئي 1964ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه ملان مکڻ ويجهو تاريخي قبرستان سايات ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو